بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ

بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ: هي تحقيقي ادارو 1995ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي هڪ بل تحت وجود ۾ آيو، جنهن جو بنيادي ڪم سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ ڏيهي ماڳن ۽ موضوعن تي کوجنا ڪرڻ آهي. اداري جو هيڊ ڪوارٽر نوابشاهه (شھيد بينظير آباد) ۾ آهي. انسٽيٽيوٽ جي جوڙ جڪ مطابق ان جو چيئرمين سنڌ جو وڏو وزير هوندو آهي ۽ هن جو باقاعدي بورڊ پڻ تشڪيل ڏنو ويندو آهي، جنهن ۾: سيڪريٽري ڪلچر، سيڪريٽري فنانس، سيڪريٽري تعليم، سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر سرڪاري ميمبر ۽ 10 غير سرڪاري ميمبر هوندا آهن. ادارو سڌي ريت ثقافت کاتي جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو. اداري جي پهرين آفيس هڪ هاسٽل ۾ قائم ڪئي ويئي، پر هن انسٽيٽيٽيوٽ جو باقاعدي آغاز 2008ع کان ٿيو آهي، جڏهن پير مظهرالحق وزير تعليم ۽ سسئي پليجو ثقافت کاتي جي وزير هئي، انهن ٻنهيءَ جي ڪوششن سان هيءُ ادارو ٻيهر فعال ٿيو ۽ پنهنجو ڪم شروع ڪيو، اداري جي پهرئين ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ کي 5 جنوري 2009ع تي مقرر ڪيو ويو. انسٽيٽيوٽ پاران جون 2009ع کان ”بلاول“ تحقيقي جرنل شايع ٿيندو رهي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جي موضوعن تي کوجنائي مضمون شامل آهن. بلاول انسٽيٽيوٽ جو مقصد مختلف تاريخدانن ۽ محققن کان مختلف منصوبن تي ڪم وٺڻ آهي. ان کان علاوه هن اداري پاران ڪيترائي ڪتاب پڻ ڇپجي چُڪا آهن.


لفظ بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو